SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


بااختيار تحفظ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


بااختيار تحفظ

Legation

ليگيشن

ڪو ننڍو پادري يا ڪيٿولڪ مسيحي برادريءَ جا فرد، پوپ (ڪيٿولڪ عيسائي فرقي جو سربراهه يا روحاني پيشوا) جي پاران ڪنهن علائقي ۾ وڃي پوپ جو پيغام پهچائين، يا پوپ جي عيوضيءَ / ايلچيءَ طور سڃاتا وڃن، ته انهيءَ عمل کي نيابت (Legation) جي طور تي تسليم ڪيو وڃي ٿو. اڄوڪي دور جي بين الاقوامي تعلقات ۾ ”ليگيشن“ جو مرتبو عام طرح فقط ڪو سفير يا وزير استعمال ڪندو آهي. هي اصطلاح هڪ قسم جي سفارتي تحفظ يا خاطريءَ جي لاءِ پڻ استعمال ڪيو ويو آهي. ’ليگيشن‘ مطابق جيڪڏهن ملڪ A جو سفير ملڪ B ۾ مقرر ٿي ويندو، ته ان کي پنهنجي ملڪ (يعني ملڪ A) جي پرڏيهي معاملن جي کاتي طرفان اختيار هجڻ ضروري آهي، ڇو ته اهڙي اختيار هُئڻ سبب، ملڪ B ان سفير کي باهمي لاڳاپن تحت تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ پابند هُجي ٿو. ان ڪري جو وٽس مقرر ٿيل سفير ملڪ A جي ڏنل اختيار (Legation) تحت مقرر ٿيل هوندو آهي. ان کان علاوه پناهه گيرن يا هجرت ڪندڙن کي به ”ليگيشن“ ڏني وڃي ٿي. ڏکڻ آفريقا ۾ جڏهن زبردست نسلي فساد شروع ٿيا هئا، ته برطانيه طرفان ڏکڻ آفريقا جي ڪاري رنگ جي شهرين کي، انهيءَ اختيار تحت تحفظ ڏنو هو. اهڙا حبشي شهري ڏکڻ آفريقا ۾ رهندي به ”برطانوي ليگيشن هيٺ رهندڙ شهري“ طور سڃاتا ويندا هئا


Remember Me Also:

خود نمائي ث.

پنهنجي ڏيکائي ڏيڻ واري حالت ، ڏيکاءُ ، ڏيک ، ڏيکر ، اڊمبري. مغروري ، شيخِي ، وڏائي ، ضديت.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal